- Advertisement -
سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان يونيورسٽي مان جهيڙن ۽ هٿيار ڪلچر جي خاتمي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان زبير حسن پنهور، آفتاب سنڌي، درشهوار چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آرٽ فيڪلٽي کان ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻين طرفان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته يونيورسٽي مان جهيڙا ۽ هٿيار ڪلچر ختم ڪري هٿيارن جي نمائش تي پابندي لڳائي پرامن ماحول پيدا ڪيو وڃي……..
- Advertisement -
