تازه ترين

سنڌ پريميئر ليگ جو منعقد ٿيڻ تي تمام گھڻي خوشي ٿي رهي آهي : آصفه ڀٽو زرداري

- Advertisement -
شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ پريميئر ليگ جو منعقد ٿيڻ تي تمام گھڻي خوشي ٿي رهي آهي، سنڌ جي نوجوانن ۾ تمام گھڻو ٽيلينٽ موجود آهي ۽ گھڻو ڪجهه ڪري سگھن ٿا. آصفه ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ سنڌ پريميئر ليگ جي افتتاحي تقريب۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته هي ليگ نه رڳو ملڪ پر سڄي دنيا کي ٻڌائيندي ته سنڌ ۾ ڪيترو ٽيلنٽ آهي سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي گذريل سنڌ حڪومت نوجوانن کي راندين جا ڪيترائي موقعا فراهم ڪيا، سندن نيڪ تمنائون سڀني ٽيمن سان گڏ آهن. هن چيو ته هن ڀيري عوام نئين سوچ جي چونڊ ڪندو جيڪا پاڪستان کي نفرت ۽ ورهائڻ بدران متحد ڪندي. ان کان اڳ افتتاحي تقريب ۾ سنڌ پريميئر ليگ جي صدر هارون ملڪ، ميئر ڪراچي مرتضى وهاب، نگران صوبائي وزير جنيد علي شاهه ۽ احمد شاهه به خطاب ڪيو. تقريب ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي رانديگرن جاويد ميانداد ۽ عبدالرزاق پڻ شرڪت ڪئي، تقريب جي آخر ۾ آتشبازي جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.1 ° C
27.1 °
27.1 °
49 %
4kmh
37 %
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون