- Advertisement -
سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ آهي، مختلف موٽر ويز ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا، شهري کي بنا ضرورت جي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم 2 ڪوهيڙي سبب لاهور کان ڪوٽ سرور تائين بند آهي.
ترجمان موٽر وي پوليس پوليس موجب، موٽر وي ايم ٿري فيض پور کان رجانه ۽ ايم 4 ڪوهيڙي سبب شير شاهه کان شام ڪوٽ تائين بند ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب، موٽر وي ايم 5 کي ڪوهيڙي سبب شير شاهه ٽول پلازه کان ظاهر پير ۽ ظاهر پير کان روهڙي تائين ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
موٽر وي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته لاهور سيالڪوٽ موٽر وي به ڪوهيڙي سبب بند ڪيو ويو آهي.
ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته موٽر ويز عوام جي حفاظت ۽ محفوظ سفر يقيني ٻنائن بڻائڻ لاءِ ڪيا ويندا آهن، عوام ڏينهن جي وقت ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏئي، ڪوهيڙي دوران ڊرائيور پنهنجي گاڏين ۾ فوگ لائٽس جو استعمال يقيني بڻائن…………- Advertisement -
