سنڌ ۾ آزاد صحافت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
سنڌ ۾ آزاد صحافت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي جڏهن ته مختلف شهرن ۾ قلم ڌڻين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون ويون. اوٻاوڙي ۾ آزاد صحافت جي ڏهاڙي تي صحافي جان محمد ۽ ارشد شريف جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قلم ڌڻين پاران عبدالغفار ملڪ، محمد اسلم، اڪرام آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪنڌرا ۾ آزاد صحافت جي ڏهاڙي تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين پاران ارباب ظهير ڌاريجو، محبت راڄپر، فقير صالح ڪانڌڙي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪنري ۾ آزاد صحافت جي ڏهاڙي تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قلم ڌڻين ۽ ٻين ڌرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. عثمان شاهه هڙي ۾ آزاد صحافت جي ڏهاڙي تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين پاران قاسم چانهيو، حنيف بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڏاڍ سان ويڙهه ۽ سچائي کي سامهون آڻڻ ئي صحافت جي عالمي ڏينهن جو پيغام آهي. هنن چيو ته صحافي جان محمد مهر کي 9 مهينا اڳ بيگناهه قتل ڪيو ويو هو جنهن جا قاتل اڃا تائين آزاد گهمي رهيا آهن. سندن چوڻ هو ته صحافين جي حقن ۽ انصاف جون ڳالهيون ڪندڙ جمهوريت جا دعويدار اڄ ڪٿي گم ٿي ويا آهن. اڳواڻن آزاد صحافت کي هٿي وٺرائي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
15 ° C
15 °
15 °
69%
0.8m/s
59%
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون