سنڌ ۾ جعلي دوائن ي وڪري، کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ تي نگران صوبائي حڪومت جاڳي پئي.
ڊي جي هيلٿ سنڌ، چيف ڊرگ انسپڪٽر کي خط لکي ڇڏيو.
صوبي جي سمورن ضلعن خاص ڪري حيدر آباد ڊويزن ۽ ڪراچي شهر ۾ اهڙي ڪُدي ڪم خلاف نظر رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ پاران ڊي ايڇ اوز، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ پوليس تي ٻڌل وجيلينس ٽيمون جوڙڻ جو حڪم ڏنو ويو.
ڊي جي هيلٿ چيو ته هول سيل مارڪيٽن، رٽيلرن ۽ دڪانن تي چڪاس جو نظام سخت ڪيو وڃي.
48 ڪلاڪن اندر نگران صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري آڏو ذاتي طور پيش ٿي تفصيلي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
