سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو ڪوبه ڪيس ناهي: صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو

- Advertisement -
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو اڃا تائين ڪوبه ڪيس ناهي، 2 شڪي ڪيس هئا، ٽيسٽ بعد ڪليئر ڪيو ويو، هن سال چڪن گونيا جا 140 ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته مليريا ۽ ڊينگي جي صورتحال بهتر آهي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته هو نيشنل هيلٿ سروس جو پروگرام شروع ڪري رهيا آهن، دوائن جي فراهمي ۽ ٽيسٽ جون سهولتون سرڪاري اسپتالن ۾ بهتر ڪرڻ جو منصوبو هلي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي مرڪزي اسپتالن جي ايمرجنسي اپگريڊ ڪري رهيا آهن، اسپتالن ۾ اسٽاف جي موجودگي يقيني بڻائڻ تمام ضروري آهي، اسپتالن ۾ حاضري بائيو ميٽرڪ ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي صحت واري وزير چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن جي پروگرام کي فعال ڪرڻ وڃي رهيا آهن، برساتن سبب صوبي ۾ ڪيتريون ئي اسپتالون ۽ ڪلينڪون متاثر ٿيون، سول اسپتال ۾ تمام گهڻي رش هوندي آهي، سول اسپتال ۾ سرجيڪل ۽ ميڊيڪل ٽاور بڻائي رهيا آهن. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته لياري نرسنگ ڪاليج ۾ جعلي ڊوميسائيل تي داخلائن جو مسئلو هو، سنڌ کان ٻاهر جي ڊوميسائيل تي داخلائن خلاف جاچ ٿي رهي آهي، انڪوائري ڪري رهيا آهن، جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
27%
3m/s
0%
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون