- Advertisement -
سنڌ ۾ پاڻي جو بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويو جڏهن ته مجموعي پاڻي جي کوٽ 38 سيڪڙو ٿي وئي.
سنڌ کي مجموعي طور پاڻي جي گهرج هڪ لک 8 هزار 340 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته پاڻي جي کوٽ برقرار آهي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جي گهرج 22 هزار 700 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته واهن کي 19 هزار 755 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي.
گڊو بئراج تي پاڻي جي کوٽ 13 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
سکر بئراج وٽ پاڻي جي گهرج 53 هزار 100 ڪيوسڪ آهي پر واهن کي رڳو 34 هزار 760 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.
سکر بئراج تي پاڻي کوٽ 35 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي گهرج 26 هزار 900 ڪيوسڪ آهي جتي واهن کي رڳو 12 هزار 785 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.
ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي کوٽ 52 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
پنجاب پاران سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنالن مان مجموعي طور 24 هزار 760 ڪيوسڪ پاڻي کنيو پيو وڃي.
پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي مختلف آبادگار علائقن ۾ آبپاشي صورتحال متاثر ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.- Advertisement -
