- Advertisement -
سنڌ ۾ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، سنڌ حڪومت پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
سنڌ حڪومت جي ليبر کاتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ڪراچي مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ حڪومت پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار رپيا مقرر ڪري ڇڏي.
نوٽيفڪيشن موجب پهرين جولاءِ 2024ع کان گهٽ ۾ گهٽ پورهيتن جي اجرت 37 هزار رپيا ماهوار لاڳو هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عورت مزدورن جي به گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار رپيا هوندي.
پورهيت جو هڪ ڪلاڪ جو اجورو 178 رپيا ۽ ڏهاڙي جو اجورو 1423 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي………- Advertisement -
