تازه ترين

سوشل ميڊيا تي ناڪاري واويلا ڪئي پئي وڃي: عظميٰ بخاري

- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ناڪاري واويلا ڪئي پئي وڃي، ڪهڙيون قوم جون نياڻيون آهن جن 9 مئي تي دهشتگردي ڪئي، هڪ سياسي پارٽي جي هر طرح جي مدد ٿي رهي آهي. لاهور هائيڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته هڪ اڻوڻندڙ وڊيو تي سندس تصوير لڳائي سوشل ميڊيا تي رکي وئي، سندس تصوير کي ٽوئٽر تي به باقاعده هڪ پارٽي جي ماڻهن وائرل ڪيو. سندس چوڻ هو ته هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عورت آهي، هوءَ صوبائي وزير نه پر هڪ عورت طور عدالت کان انصاف وٺڻ آئي آهي. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته ڪجهه 9 مئي جي دهشتگرد ڀينرن کي هيرو بڻائي پيش ڪيو وڃي ٿو، تحريڪ انصاف جون 2 عورتون نيون نيون هيروئن بڻيون آهن، 9 مئي جي دهشتگرد کي چيو پيو وڃي ته هي قوم جون نياڻيون آهن. هن چيو ته هو به قوم جون نياڻيون آهن، کين انصاف ڪير ڏيندو؟، هوءَ عدالت کان پڇا ڪرڻ آئي آهي، انصاف رڳو تحريڪ انصاف کي ملندو آهي يا ڪنهن ٻئي کي به ملندو آهي. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته وزيراعليٰ مريم نواز عورتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، عدليا جو به فرض آهي ته عورتن ۽ ٻارڙن کي تحفظ فراهم ڪري، اڄ هوءَ لاهور هائيڪورٽ ۾ انصاف لاءِ بيٺل آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32 ° C
32 °
32 °
31 %
5.4kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون