تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سوناڪشي جي شادي جي خبرن تي بالي ووڊ اداڪار شتروگهن سنها ردعمل سامهون اچي ويو

- Advertisement -
بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار ۽ سياستدان شتروگهن سنها پنهنجي ڌيءَ سوناڪشي جي شادي جي خبرن تي خاموشي ٽوڙيندي چيو ته مون پنهنجي ڌيءَ جي شادي بابت ڪنهن سان به نه ڳالهايو، مان پاڻ به پنهنجي ڌيءَ جي شادي جو انتظار ڪري رهيو آهيان. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سوناڪشي سنها پنهنجي دوست ظهير اقبال سان هلندڙ مهيني جي 23 تاريخ تي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندي. ان حوالي سان شتروگن سنها ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چونڊ نتيجن جي اعلان کانپوءِ دهلي ۾ آهيان، ڌيءَ جي شادي جي حوالي سان ڪنهن سان به نه ڳالهايو آهي. سوناڪشي جي شادي ٿي رهي آهي؟ جي جواب ۾ شتروگھن سنها چيو آهي ته سوناڪشي شادي نه ڪئي آهي ۽ مون کي به ايتري خبر آهي جيترو مون ميڊيا ۾ پڙهيو آهي پر جڏهن به جوڙو مون کي ۽ منهنجي زال کي شادي جي باري ۾ ٻڌائيندو ته اسان جون دعائون ساڻن گڏ هونديون. اداڪار ۽ سياستدان شتروگهن سنها پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ وضاحت ڪندي چيو ته سوناڪشي بالغ آهي ۽ کيس پنهنجا فيصلا ڪرڻ جو حق آهي، مون کي پڪ آهي ته هو غلط فيصلو نه ڪندي. هن چيو ته جڏهن به منهنجي ڌيءَ جي شادي ٿيندي ته مان ڄڃ جي سامهون رقص ڪرڻ پسند ڪندس. شتروگھن سنها وڌيڪ چيو ته مان به ڌيءُ جي شادي بابت اطلاع جو انتظار ڪري رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجا ويجها ماڻهو به مون کان پڇي رهيا آهن ته آئون پنهنجي ڌيءَ جي شادي کان ڇو بيخبر آهيان، جڏهن ته ميڊيا کي ان جي باري ۾ سڄي خبر آهي، شتروگهن سنها چيو ته آئون صرف ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته اڄڪلهه جا ٻار شادي لاءِ والدين کان رضامندي جو ناهن پڇندا، بس رڳو آگاهه ڪري ڇڏيندا آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
17 %
4.6kmh
8 %
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون