- Advertisement -
سوڊان جي علائقي دارفور ۾ سعودي اسپتال تي ڊرون حملو جي نتيجي ۾ 70 ڄڻا مارجي ويا.
آمريڪي ميڊيا موجب حملي ۾ هڪ سعودي اسپتال کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ هن وقت تائين 70 ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.
مقامي انتظاميا باغي قوتن تي حملي ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳايو، جڏهن ته سعودي عرب حملي جي سخت مذمت ڪئي.
سعودي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اولهه سوڊان ۾ اسپتال تي حملو عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي.- Advertisement -
