- Advertisement -
سيالڪوٽ ڀرسان پيءُ تشدد ڪري ڏيڍ ورهيه جي ٻارڙي کي قتل ۽ زال کي زخمي ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب پسرور ٿاڻي جي حد ڳوٺ موسيٰ پور ۾ ناصر گهريلو جهيڙي تان گهرواري بشريٰ کي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو.
جوابدار گهر ۾ موجود پنهنجي ڏيڍ ورهين جي اقصيٰ کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا ٻارڙي جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ناصر نشو ڪندو هو، جنهنڪري گهر ۾ جهيڙو ٿيندو رهندو هو.- Advertisement -
