- Advertisement -
سيالڪوٽ ۾ پوليس ۽ جوابدارن ۾ مقابلي دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ سندن 2 ساٿي مارجي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته گشت دوران پوليس ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 ڄڻن کي روڪڻ جو اشارو ڏنو ته جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس موجب ساٿين جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه جوابدار مارجي ويا.
پوليس موجب، مارجي ويل ڦورن جي سڃاڻپ شعيب خان ۽ عمر جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته 2 ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جن جي ڳولا جاري آهي.- Advertisement -
