سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، خانگي گاڏين تي سرڪاري نمبر پليٽون هڻندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، خانگي گاڏين تي سرڪاري نمبر پليٽون هڻندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن سيڪريٽري ايڪسائز محمد سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائز اورنگزيب پنهور ۽ ٻين  آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ٽيڪسيشن جي نظام بعد گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر جي سهولت گهر ويٺي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته پهرين جنوري کان گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر به آن لائن ٿي ويندي، شهري گهر ويٺي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر ڪري سگهندا. هن چيو ته سرڪاري نمبر پليٽن وارين گاڏين کي به چيڪ ڪيو وڃي، خانگي گاڏين تي سرڪاري نمبر پليٽون هڻندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيندو. سينيئر صوبائي وزير چيو ته گاڏين جي رجسٽريشن، ٽيڪس ادائگي ۽ نمبر پليٽن جي چيڪنگ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن، روڪ ڊيلنگ ختم ٿيڻ سان عوام کي بهترين سهولت ملندي. شرجيل ميمڻ چيو ته پريميئم ۽ پرسنل نمبر پليٽن جي آن لائن نيلامي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ مهم هلائي وڃي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
37%
1m/s
0%
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون