تازه ترين

سينيٽ  ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميم بل 2024ع اڪثريتي راءِ سان منظور

- Advertisement -
سينيٽ  ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميم بل 2024ع اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو، مخالف ڌر سخت احتجاج ڪندي گوڙ ڪيو ۽ بل تي تنقيد ڪئي. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلانيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ترميمي بل 2024ع سينيٽ ۾ پيش ڪيو، جنهن تي مخالف ڌر جي سينيٽرن ان جي مخالفت ڪئي. سينيٽ اڪثريتي راءِ سان اليڪشن ايڪٽ 2017ع ترميمي بل 2024ع منظور ڪري ورتو، جنهن دوران مخالف ڌر گوڙ ڪيو. شبلي فراز چيو ته 2017ع ۾ ان ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي هئي، ان کانپوءِ 5 آگسٽ 2023ع ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون ويون. هن چيو ته رجيم چينج بعد پي ٽي آءِ ظلم ڪيو ويو، کانئن چونڊ نشان کسيو ويو، اميدوارن کان نامزدگي ڪاغذ کسيا ويا، انٽرا پارٽي  چونڊ کي اليڪشن ڪميشن تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اعظم نذير تارڙ شبلي فراز کي جواب ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ جنهن ڏينهن 53 قانون هڪ ڪلاڪ ۾ پاس ڪرايا ته ڇا اها سٺي قانونسازي هئي؟ پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر چيو ته بل بدنيتي تي ٻڌل آهي، اهو منظور ٿيو ته جمهوريت جو قتل ٿيندو، اليڪشن ڪميشن جو اختيار ناهي ته اها  مرضيءَ جا جج مقرر ڪري. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته ايوان کي قومي اسيمبلي نه بڻايو، رويو تبديل نه ڪيو ويو ته هو ايڪشن وٺندو. سينيٽ مان منظور ٿيل ترميمي بل تحت اليڪشن ڪميشن رٽائرڊ هائيڪورٽ جي ججن کي ٽربيونل مقرر ڪري سگهندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
8 %
3.1kmh
0 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون