- Advertisement -
پيپلز پارٽي جي اليڪشن سيل انچارج سينيٽر تاج حيدر اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو، تاج حيدر جو چوڻ آهي ته پولنگ واري ڏينهن موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي.
جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ تاج حيدر چيو ته موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جي بندش تي ڪارڪن مايوس نه ٿين، ڪارڪن پنهنجي لاڳاپيل پولنگ اسٽيشنن تي پهچي بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم چونڊرائڻ لاءِ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪن.
پ پ سينيٽر چيو ته پولنگ واري ڏينهن موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي، امن امان لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن.- Advertisement -
