سينيٽر طلحه محمود جي يو آءِ کي ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ شامل

- Advertisement -
اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود پيپلز پارٽيءَ  ۾ شامل ٿي ويو، سندس چوڻ آهي ته هو بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي پ پ ۾ شامل ٿيو آهي، جي يو آءِ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به پارٽي ۾ نه رهيو آهي، ملڪي معاشي ۽  سياسي حالتون سڀني سامهون آهن، ملڪ سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر طلحه محمود چيو ته ملڪ کي ڏکيائين مان ڇوٽڪاري لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي دعوت تي پ پ ۾ شامل ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ معاشي بدحالي ۽ سياسي حالتون سڀني سامهون آهن، سڀني کي خبر آهي ته ملڪ  ڪهڙن مسئلن مان گذري رهيو آهي. طلحه محمود چيو ته پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو پنهنجو حصو وجهڻو پوندو. هن چيو ته هن 18 سالن کان پاڪستان کان نه پگهار ورتي ۽ نه وري ڪا سهولت حاصل ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي سخت ضرورت آهي ته هو قومي سطح تي ڪو ڪم ڪري سگهي. نيئر بخاري چيو ته طلحه محمود پ پ قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته طلحه محمود هميشه پارليامينٽ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي ۾ پ پ کي مضبوط ڪيو ويندو، سني اتحاد ڪائونسل آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. هن چيو ته هو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آرمي چيف ۽ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
42%
2.5m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون