- Advertisement -
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 9 مئي واقعن تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ ۽ چونڊن ۾ مبينا ڌانڌليءَ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.
باني پي ٽي آءِ 9 مئي سانحي جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني آئيني بئنچ 10 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪندي.
باني پي ٽي آءِ درخواست ۾ سويلين جي ملٽري ڪورٽ ٽرائل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا به ڪئي آهي.
چونڊن ۾ ۾ ڌانڌلي خلاف پي ٽي آءِ جي باني جي درخواست سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ 11 ڊسمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.- Advertisement -
