- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءُ ڀٽو ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي راءِ تاريخي قرار ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ تسليم ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي فيئر ٽرائل جو موقعو نه مليو، عدالت چيو ته ماضيءَ جي غلطين کي درست ڪرڻ لاءِ فيصلو ٻڌايو پيو وڃي، 44 ورهين کانپوءِ تاريخ درست ٿي رهي آهي، اميد ته نظام صحيح رخ ڏانهن هلڻ شروع ٿي ويندو.
سپريم ڪورٽ طرفان ڀٽو صدارتي ريفرنس تي راءِ ٻڌائڻ وقت پ پچيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عدالت ۾ موجود هو ۽ راءِ ٻڌڻ وقت بلاول لڙڪ لاڙي ويٺو.
بعد سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سپريم ڪورٽ تاريخي راءِ ڏني آهي.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ تسليم ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي فيئر ٽرائل جو موقعو نه مليو، عدالت چيو ته ماضيءَ جي غلطين کي درست ڪرڻ لاءِ فيصلو ٻڌايو پيو وڃي.
پ پ چيئرمين چيو ته اڄ تاريخي قدم کنيو ويو آهي، 44 ورهين کانپوءِ تاريخ درست ٿي رهي آهي، ان فيصلي سان ملڪ اڳتي وڌندو ۽ ترقي ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ جو فيصلو اهڙو داغ هو، جنهن سبب عوام سمجهي پيو ته هاڻي انصاف ملڻ ڏکيو هوندو.
پ پ چيئرمين، سپريم ڪورٽ جي ججن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ان فيصلي کانپوءِ اميد آهي ته نظام صحيح رخ ڏانهن هلڻ شروع ٿي ويندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سپريم ڪورٽ جي تفصيلي راءِ جو انتظار آهي، عدالت جي تفصيلي فيصلي بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
- Advertisement -
