- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال مندوخيل کي گڏيل طور تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۽ ججز ڪميٽي جو ميمبر نامز ڪيو ويو آهي.
27هين آئيني ترميم تحت جوڊيشل ڪميشن ۽ سپريم جوڊيشل ڪونسل نئين سر جوڙي پئي وڃي جنهن تحت جسٽس جمال مندوخيل کي گڏيل طور تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو ميمبر نامزد ڪيو ويو آهي.
چيف جسٽس پاڪستان پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون تحت جسٽس جمال مندوخيل کي ججز ڪميٽي جو ميمبر به نامزد ڪيو ويو آهي.
پڌرائي موجب جسٽس جمال مندوخيل کي چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت گڏيل طور تي نامزد ڪيو، جڏهن ته جسٽس عامر فاروق کي جوڊيشل ڪميشن جو گڏيل ميمبر نامزد ڪيو ويو آهي.
جسٽس عامر فاروق کي به چيف جسٽس پاڪستان ۽ وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس گڏيل طور تي نامزد ڪيو.- Advertisement -
