تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آرٽيڪل 63ايَ نظرثاني ڪيس ٻڌڻ واري بئنچ جوڙڻ تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا.

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آرٽيڪل 63ايَ نظرثاني ڪيس ٻڌڻ واري بئنچ جوڙڻ تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بئنچ آرٽيڪل 63 ايَ جي تشريح جي فيصلي خلاف نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ 63 ايَ جي تفصيلي فيصلي موجب رجسٽرار جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن موجب ڪيس جو تفصيلي فيصلو 14 آڪٽوبر 2022ع تي جاري ٿيو. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته عام ماڻهو جو ڪيس هجي ها ته ڳالهه ڌار هئي، ڇا سپريم ڪورٽ بار کي به خبر نه هئي ته نظرثاني اپيل ڪيتري دير ۾ داخل ٿيندي آهي. سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت چيو ته عام مفادن جي ڪيسن ۾ نظرثاني ۾ دير کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو. پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته هو پهريان بيان ڏي؟ جنهن تي چيف جسٽس چيو ته  عدالت ۾ بيان نه پر گذارشون ٻڌيون وينديون آهن. علي ظفر چيو ته نظرثاني درخواست دير سان داخل ٿي، جنهن سبب مقرر نه ٿي سگهي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته نظرثاني اپيل فيصلي خلاف ٿيندي  آهي يا ان جي سبب خلاف؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ باني اڳوڻو وزيراعظم ۽ درخواست ڏيندڙ آهي، چيف جسٽس چيو ته اوهان دليل شروع ڪريو، علي ظفر چيو ته مطلب اوهان پي ٽي آءِ بانيءَ سان ملاقات جي درخواست رد ڪري رهيا آهيو؟ ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جو وڪيل مصطفين ڪاظمي روسٽرم تي آيو، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪنهن جي طرفان آهيو؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته هو پي ٽي  آءِ جي نمائندگي ڪري رهوي آهي. چيف جسٽس چيو ته اوهان ويهي رهو، جيڪڏهن نه ويهندا ته پوليس اهلڪار گهرايا ويندا، جنهن تي وڪيل چيو ته اوهان اهِو ئي ڪري سگهو ٿا، ٻاهر سندن 500  وڪيل بيٺل آهن، ڏسون ٿا ته اوهان ڪيئن اسان خلاف فيصلو ڏيو ٿا؟ چيف جسٽس عدالت ۾ سول ڪپڙن ۾ موجود پوليس اهلڪارن کي هدايت ڪئي ته هن  جينٽل مين کي ٻاهر ڪڍو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  چيو ته علي ظفر صاحب اوهان اسان کي بي عزت ڪريو، اهو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. علي ظفر جواب ڏنو ته هو ته آرام سان بحث ڪري رهيو هو ۽ اوهان به آرام سان ٻڌي رهيا هئا، چيف جسٽس چيو ته ججن سان بدتميزي جو طريقو عام ٿي ويو آهي. هن چيو ته پهريان اهو  فيصلو ڪيو وڃي ته هيءَ بئنچ قانوني آهي، اهو فيصلو ٿي وڃي ته هو دليل ڏئي سگهي ٿو. عدالت بئنچ جوڙڻ بابت علي ظفر جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا. علي ظفر چيو ته بئنچ جوڙڻ واري ڪميٽيءَ جا ميمبر بئنچ جو حصو آهن، اهي پاڻ ڪيئن بئنچ کي قانوني قرار ڏئي سگهن ٿا؟ چيف جسٽس چيو ته ماڻهن جي مرضيءَ جي بئنچ بڻائڻ واري عادت پراڻي آهي، پر هاڻي اهو زمانو هليو ويو. عدالت علي ظفر جي پي ٽي آءِ بانيءَ سان ملاقات واري درخواست منظور ڪري ورتي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25 ° C
25 °
25 °
32 %
0.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون