- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف شريف سان مشهور اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ ملاقات ڪئي آهي.
وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهبازشريف مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي وزيراعظم شهبازشريف، ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ کي چيو ته مسلمان امت کي مٿس ناز آهي، ڇاڪاڻ ته هن دنيا کي اسلام جو صحيح چهرو ڏيکاريو آهي.
هن چيو ته اهو سٺو سنوڻ آهي ته ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ کي ٻڌندڙن جو وڏو انگ نوجوانن جو آهي.
وزيراعظم چيو ته اسلام امن جو دين آهي ۽ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ اسلام جو صحيح پيغام ماڻهن تائين پهچائڻ جو اهم فرض نڀائي رهيو آهي.
شهبازشريف 2006ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ سان ملاقات جو ذڪر ڪيو.
ان موقعي تي ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ چيو ته 1991ع ۾ پاڪستان جو پهريون دورو ڪيو هو، پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو.
هن چيو ته اسلام هڪ مڪمل دين آهي، جيڪو هر معاملي ۾ کين رهنمائي فراهم ڪري ٿو، هو اسلام جي رستي تي هلندا ته ڪامياب ٿيندا.- Advertisement -
