تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ طرفان فوجي عدالتن بابت ڪيس ۾ بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث کي سڀاڻي دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ درخواستن تي بچاءَ واري وزات جي وڪيل خواجه حارث کي سڀاڻي دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين خان، خواجا حارث کي مخاطب ٿيندي چيو ته مناسب ٿيندو ته سڀاڻي تائين اوهان پنهنجا دليل مڪمل ڪري وٺو، ڪهڙا ڪيس فوجي عدالتن کي منتقل ٿيا ۽ ڇو ٿيا ان کي مختصر رکيو وڃي، ججن جا ان حوالي سان سوال ٿيا ته آخر ۾ ان کي به ڏسي وٺندا. بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ آرمي ايڪٽ جي سيڪشن (4) 59 کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته آرمي ايڪٽ ۾ ڪيترن ئي ڏوهن جو ذڪر به موجود آهي، ايڪٽ فوجي آفيسرن تي لاڳو ٿيندو. خواجا حارث جواب ڏنو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي سيڪشن 2 ڊي (ٽو) ۽ 2 ڊي (ٽو) جي نظر ۾ ڏٺو ويندو، عام شهرين جو ٽرائل آرمي ايڪٽ جي سيڪشن 31 ڊي تحت ايندو آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته سيڪشن 31 ڊي جو تعلق فوجين جي فرض سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ تي ڀڙڪائڻ سان آهي. وڪيل خواجا حارث چيو ته فوجي عدالتن کي آئين ۾ به تسليم ڪيو آهي، جنهن تي جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته نشي جي حالت ۾ نماز کان پري رهڻ جو  حڪم آهي، اهو ڏسڻو آهي ته فوجي عدالتن ۾ ڪيس ڪهڙو ويندو. جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏيندي چيو ته آئين به ڪيترن ئي ٽربيونلز کي تسليم ڪري ٿو، ڏسڻو رڳو اهو آهي ته ڪهڙا ڪيس ڪٿي ۽ ڪيئن ٻڌي سگهجن ٿا. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا عام شهرين جي ملٽري ٽرائل کي ڪورٽ مارشل چئجي؟ جنهن تي خواجا حارث چيو ته فوجي عدالتن ۾ ڪورٽ مارشل ئي ٿيندو آهي. جسٽس مسرت هلالي پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن ڪو آرمي آفيسر آئين کي معطل ڪري ٿو ته ڇا آرمي ايڪٽ ۾ آئين معطل ڪرڻ جي سزا آهي؟. بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث چيو ته آئين جي آرٽيڪل 6 ۾ آئين جي معطلي جي سزا آهي، آئين جو آرٽيڪل 6 هر قانون تي اوليت رکي ٿو، ايڪٽ ۾ قسم جي ڀڃڪڙي جي سزا آهي. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته عدليه مارشل لا جي منظوري ڏيندي رهي، ڇا غير آئيني قدمن تي جج به آرٽيڪل 6 جي زمري ۾ اچن ٿا؟. جسٽس محمد علي مظهر پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته پرويز مشرف ڪيس ۾ ججن جا نالا کنيا ويا هئا، سنگين غداري ڪيس ۾ ججن جا نالا بعد ۾ ڪڍيا ويا. جسٽس حسن اظهر رضوي پڇاڻو ڪيو ته آرمي ايڪٽ جي ڪجهه شقن ۾ آگسٽ 2023ع تي ترميم ڪئي وئي، موجوده ڪيس ۾ واقعا مئي 2023ع تي ٿيا، ڇا بعد ۾ ڪيل ترميم 9 مئي جي واقعن تي لاڳو ٿي سگهي  ٿي، 9 مئي جي جوابدارن جو ٽرائل آرمي ايڪٽ ۾ ترميم تحت ڪيو ويو. خواجا حارث جواب ڏنو ته جوابدار ڪائونسل به مقرر ڪندو آهي، ٻڌڻيون به ٿينديون آهن. جسٽس حسن اظهر چيو ته ڪيس جي فيصلي ٻڌائڻ ۽ فيصلو محفوظ ڪرڻ بابت ٻڌايو ويو آهي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته ٻن فيصلن ۾ فيئر ٽرائل جو به ذڪر موجود آهي، اسان ڏسڻ چاهن ٿا ته شاهدن جو ڪهڙو طبقو رهيو آهي، گڏيل ٽرائل نه ٿيڻ گهرجي ها، اهي ڳالهيون اينديون، لکيو ته آهي پر عملي سڌارا ٿيا آهن يا نه. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته شروع کان ئي اهو معاملو سندس ذهن ۾ اٽڪيل آهي ته عام ماڻهو فوج جي ڊسپلن ۾ اچي ٿو يا نه؟ عدالت بچاءَ واري وزات جي وڪيل خواجه حارث کي سڀاڻي دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
13 %
2.8kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون