سپريم ڪورٽ پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ٻڌايل ڦاهي جي سزا کي غير آئيني ۽ غير انساني قرار

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ٻڌايل ڦاهي جي سزا کي غير آئيني ۽ غير انساني قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ  ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس بابت صدارتي ريفرنس تي راءِ ٻڌائي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ٽرائل کي غير شفاف قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڀٽو ڪيس بابت صدارتي ريفرنس تي راءِ ٻڌائيندي چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي آئين موجب  شفاف ٽرائل جو موقعو نه مليو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي راءِ تي سمورن 9 ججن جو اتفاق  آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به حڪومت پيپلزپارٽي جي حڪومت جو اماڻيل ريفرنس واپس نه ورتو، شهيد ڀٽو کي سزا آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن موجب نه هئي، ذوالفقار علي ڀٽو جو ٽرائل شفاف نه هو. چيف جسٽس چيو ته، شهيد ڀٽو جي سزا جو فيصلو تبديل ڪرڻ جو ڪوبه قانوني طريقيڪار موجود ناهي، ذوالفقار علي ڀٽو جو ٽرائل آئين ۽ قانون موجب ناهي ٿيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جج قانون موجب فيصلا ڪرڻ جا پابند آهن، جيستائين پنهنجون غلطيون تسليم نه ڪنداسين، تيستائين پاڻ کي درست نٿو ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ جي راءِ ۾ چيو ويو آهي ته ريفرنس ۾ 5 سوال اٿاريا ويا آهن، ذوالفقار علي ڀٽي جو آئين موجب شفاف ٽرائل نه ٿيو، ڀٽو ٽرائل ۾ بنيادي حقن جي پاسداري نه ڪئي وئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدليه جو ڪم انصاف فراهم ڪرڻ آهي، تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي ڪيس آهن جن ۾ درست فيصلا نه ڪيا ويا، ماضي جي غلطين کي درست ڪرڻ کانسواءِ درست رخ ۾ نٿو وڃي سگهجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
1 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
22%
3.9m/s
0%
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون