تازه ترين

شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ييلو ۽ ريڊ لائن بي آر ٽي بابت ڌار ڌار اجلاس

- Advertisement -
فٽيجز… سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ييلو لائين بي آر ٽي ۽ ريڊ لائين بي آر ٽي بابت ٻه اعليٰ سطحي اجلاس ٿيا. اجلاس ۾ ريڊ لائن جي لاٽ ون ۽ لاٽ 2، بايو گيس، ڊپو تي هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو ويو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته هلندڙ ڪم کي تيز ڪيو وڃي ۽ ڏينهن رات ڪم ڪيو وڃي، ڪم بابت اسٽيڪ هولڊرز کي روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي. شرجيل ميمڻ چيو ته منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. سندس چوڻ هو ته بي آر ٽيز تي ڪم ۾ تيزي آندي وڃي، ڏينهن رات ڌار ڌار شفٽن ۾ ڪم ڪري بي آر ٽيز کي مڪمل ڪرڻ فوري طور يقيني بڻايو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته بي آر ٽيز تي ڪم کي فوري طور مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا اسٽيڪ هولڊر روزاني جي بنياد تي رپورٽ ڏين. هن چيو ته ريڊ لائن ڊيپو جي تياري جو ڪم به تيز ڪيو وڃي، ڪم جي معيار تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته بي آر ٽيز تي ڪم ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، حڪومت چاهي ٿي ته عوام کي بي آر ٽي مان جلد فائدو ملي سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
9 %
2.9kmh
100 %
اڱارو
28 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون