- Advertisement -
شهدادڪوٽ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب 2 سڳا ڀائر مارجي ويا.
اي سيڪشن شهدادڪوٽ پوليس ٿاڻي جي حد ڪمبوهه پاڙي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 سڳا ڀائر شهباز ۽ عبدالرحمان مارجي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.
ٻنهي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.
مقتولن جا لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.- Advertisement -
