- Advertisement -
پيپلز پارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان آئيني ترميم تي شروعاتي اتفاق ۽ صلاح مشورو سان وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي جذبي کي جمهوريت جي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو.
شيري رحمان جو چوڻ هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي سچائي 18 سالن کانپوءِ به ثابت ٿي رهي آهي.
هن چيو ته اميد آهي ته سموريون سياسي ۽ جمهوري طاقتون قوم کي اتفاق راءِ جو تحفو ڏينديون.
شيري رحمان جو چوڻ هو ته محترمه بينظير ڀٽو ميثاق جمهوريت جي شروعات ڪئي، صدر زرداري ان تي عمل ڪرايو، بلاول ڀٽو زرداري 18 سالن کانپوءِ سندن اڌوري ايجنڊا جي تڪميل جي عمل جي قيادت ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ميثال جمهوريتي جي اڌوري ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ ۾ بلاول ڀٽو زرداري تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
شيري رحمان جو چوڻ هو ته ڳالهيون ئي جمهوريت جي اصل طاقت ۽ بند دروازا کولڻ جي چاٻي آهن.
سندس چوڻ هو ته آئيني ترميم تي اتفاق جي سوچ ۽ جذبو جمهوريت ۽ پارليامان جي بالادستي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.
شيري رحمان جو چوڻ هو ته عدل جي نظام ۾ سڌاري سان ڪروڙين پاڪستانين ۽ جيلن ۾ سالن کان انصاف جي انتظار ۾ ويٺل قيدين کي انصاف جي وقت تي فراهمي سبب رليف ملي سگهندو.
شيري رحمان جو چوڻ هو ته ملڪ ۽ قوم، آئين ۽ قانون ۽ جمهوري اصولن لاءِ گڏيل ڪوشش ڪندڙ جمهوري طاقتون ۽ پارٽيون ڀيٽا جي لائق آهن…….- Advertisement -
