تازه ترين

شڪارپور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بھتر آھي : وقتي گورنر آغا سراج دراني

- Advertisement -
وقتي گورنر آغا سراج دراني چيو آھي تھ شڪارپور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ گھڻي بھتر آھي، ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن ھلندڙ آھي، جلد مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو. وقتي گورنر آغا سراج دراني مديجي ويجھو ڳوٺ ترائي پهچي شڪارپور ضلع ڪائونسل جي چيئرمين ذوالفقارڪماريو سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ امن امان لاءِ پوليس جو آپريشن ھلندڙ آھي، اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن سميت سمورن مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي آغا سراج دراني چيو تھ عرفان سمون سٺو آفيسر آھي، خبر نھ آھي تھ کيس ڇو بدلي ڪيو ويو . ھن چيو تھ شڪارپور ضلعي ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ امن امان جي صورتحال گھڻي بهتر آھي، ھو اڳ ڳڙھي ياسين کان شڪاپور تائين ڪانوائي جي صورت ۾ ويندا هئا پر ھاڻي صورتحال بھتر آھي. آغا سراج دراني جو چوڻ ھو تھ ڳڙھي ياسين تعلقي ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آھن، ڪرپشن جي شڪايتن بعد انڪوائريون ھلي رھيون آھن، ھو جڏھن جيل مان آزاد ٿيندو ته سموري تعلقي جو دورو ڪندو ۽ ڪرپٽ ٺيڪيدارن کي معاف نھ ڪندو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
25 %
3.1kmh
3 %
ڇنڇر
26 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون