- Advertisement -
شڪارپور ڀرسان سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تان ٺل واسي ٽن مسافرن کي يرغمال بڻائي ڪار ڦر ڪئي وئي آهي.
ھٿياربندن قومي شاهراهه تي هٿيارن جي زور تي ڪار روڪئي ورتي، ڏوهاري ڪار سواسرن ڊرائيور اعجاز نوناري، الهه ڏنو نوناري ۽ لياقت نوناري کي يرغمال بڻائي اغوا ڪري ورتو.
ھٿياربند ڪجهه مفاصلي بعد رستي تي ٽنهي يرغمالين کي ڇڏي ڪار ڦر ڪاهي فرار ٿي ويا.
اطلاع ملڻ تي سلطان ڪوٽ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي متاثرن کان واقعي بابت ڄاڻ ورتي.- Advertisement -
