- Advertisement -
صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو شڪارپور ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ جامع پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي.
شڪارپور ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبائي وزير عذرا پيچوهو جي صدارت هيٺ ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ ۾ هنگامي اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جو اهو چوٿون ڪيس آهي.
صوبائي وزير صوبي ۾ ماحولياتي نمونا ٻيهر سامهون اچڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته چئن ورهين دوران شڪارپور ۾ پهريون ڪيس سامهون آيو آهي.
اجلاس ۾ جامع ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
اي او سي سنڌ جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر ارشاد علي سوڍر شڪارپور ڪيس ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ وبائي صورتحال جو تفصيلي تجزيو پيش ڪيو.
بريفنگ ۾ شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ ڪشمور کي وبا پکڙجڻ وارن ضلعن ۾ شامل ڪرڻ تي روشني وڌي وئي.
ارشاد علي انهن ضلعن جي به نشاندهي ڪئي، جتي پوليو وائرس پکڙجڻ جو سڀ کان وڌيڪ خطرو آهي، انهن خطرن کي گهٽائڻ لاءِ پوليو ايريڊيڪيشن انيشيٽوِ جي حڪمت عملي پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ غذائي قلت ۽ زيرو ڊوز وارن ٻارن جي لسٽ شيئر ڪرڻ به شامل آهي.
ڊاڪٽر عذرا پيچوهو انفيڪشن جي خطري کي گهٽائڻ لاءِ حفاظتي ٽــُـڪَن ۽ غذائيت جي خدمتن لاءِ ٻارن جي نگرانيءَ جي اهميت تي زور ڀريو.
اجلاس ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ايِ پي آءِ ڊاڪٽر نعيم راجپوت سميت ٻين شرڪت ڪئي.- Advertisement -
