- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ڪرسچن ميريج ترميمي ايڪٽ تي صحي ڪري ڇڏي.
ترميمي ايڪٽ تحت مسيحي برادريءَ جي مرد ۽ عورتن لاءِ شاديءَ جي عمر 18 سال ڪئي وئي آهي.
تقريب ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، سيڪريٽري ۽ مسيحي برادريءَ جا نمائندا شريڪ ٿيا.
ان کان اڳ مسيحي برادريءَ جي مردن لاءِ شاديءَ جي عمر سورهن سال ۽ عورتن لاءِ تيرهن سال هئي.
صدر جو چوڻ هو ته معاشري ۾ فرقيواريت ۽ شدت پسندي جي ڪابه گنجائش ناهي، مسئلا هر هنڌ هوندا آهن.
آصف علي زرادري چيو ته سڀني کي گڏجي مسئلا حل ڪرڻا پوندا، مسيحي برادري به ٻين جيتري ئي پاڪستاني آهي، اقليتن جي نوڪرين ۾ ڪوٽا وڌائڻ گهرجي.- Advertisement -
