صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف اي پي ايس سانحي جي ورسي جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش

- Advertisement -
آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي کي 10 سال گذري ويا، افغانستان کان آيل دهشتگردن اسڪول ۾ گھڙي 132 ٻارن سميت 149 ڄڻن کي شهيد  ڪيو هو، درناڪ واقعي کي 10 سال گذرڻ باوجود شهيد ٻارن جا وارث ۽ قوم اڄ به ڏک ۾ ورتل آهن. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف اي پي ايس سانحي جي ورسي جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اي پي ايس سانحي جهڙا واقعا دهشتگردن ۽ خارجين جو اصل چهرو بي نقاب ڪند آهن. سندس چوڻ هو ته اي پي ايس سانحي کين قوم جي حيثيت سان متحد ڪيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عام شهرين جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪن ٿا. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته دهشتگردن 144 معصوم جانين کي اسان کان جدا ڪيو، وقت ان سانحي ۽ معصوم ٻارن جي جدائي جو صدمو ختم نٿو ڪري سگھي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پرڏيهي ملڪ دشمن عنصرن جي اشاري تي معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، سڪيورٽي فورسز جرئت ۽ بهادري سان ملڪ دشمن عنصرن جو مقابلو ڪري رهيون آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
28%
3.3m/s
3%
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون