- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر ابراهيم رئيسي سان پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هو ايراني صدر جي صحت ۽ سلامتي لاءِ دعاگو آهي.
ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ايراني صدر بابت پريشان ڪندڙ اطلاع مليا آهن.
هن چيو ته سندن دعاعون ايراني صدر ۽ قوم سان گڏ آهن.
اسپيڪر اياز صادق پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته دعا آهي ته ايراني صدر ۽ سان گڏ ٻيا ماڻهو خيريت سان هجن.
هن چيو ته مشڪل ۽ امتحان جي وقت ۾ ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي.
هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري به هيليڪاپٽر حادثي تي ايراني سفير سان رابطو ڪري افسوس جو اظهار ڪيو آهي.- Advertisement -
