- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران يونان جي ڏکڻ ٻيٽ ويجهو ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري ٻيڙي حادثي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته انساني سمگلنگ ڪريل عمل آهي، ماڻهو پنهنجي پيارن کي وڃائي ڇڏيندا آهن.
صدر آصف علي زرداري چيو ته انساني سمگلنگ جي تدارڪ لاءِ قدم کنيا وڃن.
جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف يونان جي ٻيٽ ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته انساني اسمگلنگ افسوسناڪ ڏوهه آهي، جنهن سبب هر سال ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ٿا ۽ ڪيترائي خاندان تباهه ٿين ٿا.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته انساني اسمگلر هڪ ظالم مافيا آهي، جيڪي غريبن کي ڪوڙا خواب ڏيکاري انهن کان پئسا هڙپ ڪن ٿا.
وزيراعظم شهباز شريف گهرو وزير محسن نقوي کي واقعي جي جاچ رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ٻيهر اهڙا واقعا نه ٿين……………- Advertisement -
