تازه ترين

توشاخانه گاڏين بابت ريفرنس ۾ اهم اڳڀرائي نيب نواز شريف کي ريفرنس مان بري ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشاخانه گاڏين بابت ريفرنس ۾ نيب نواز شريف کي ريفرنس مان بري ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشا خانه گاڏين بابت ريفرنس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ريفرنس مان بري ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ بابت عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ واري رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي حڪومت طرفان 1997ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف کي گاڏي تحفي ۾ ڏني هئي. رپورٽ موجب، ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف تحفي ۾ مليل گاڏي توشاخانه ۾ جمع ڪرائي، بعد ۾ تحفي ۾ مليل گاڏي کي وفاقي ٽرانسپورٽ پول ۾ شامل ڪيو ويو هو. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 2008ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، نواز شريف کي گاڏي خريد ڪرڻ جي آڇ ڪئي، نواز شريف اها گاڏي توشاخانه مان نه پر وفاقي ٽرانسپورٽ پول مان خريد ڪئي، نواز شريف گاڏي جي قيمت جعلي بينڪ اڪائونٽس مان ادا نه ڪئي. نيب جي رپورٽ موجب، نواز شريف تحفي ۾ مليل گاڏي توشاخانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، خريداري وقت اها گاڏي توشاخانه جو حصو نه هئي. رپورٽ ۾ عدالت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته عدالت نواز شريف کي توشاخانه ريفرنس مان خارج يا بري قرار ڏئي سگهي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
52 %
4.5kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون