- Advertisement -
ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار چيو آهي ته صدر عارف علوي اجلاس نه گهرايو ته اسپيڪر آئيني طور پاڻ به اجلاس گهرائي سگهي ٿو، صوبن ۾ گورنر اجلاس نه گهرائي ته اتي به اهو ئي اصول لاڳو ٿيندو.
جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته صدر اجلاس نه گهرائي ته 21 ڏينهن بعد اسپيڪر کي اجلاس گهرائڻ جو اختيار آهي، آئين جي 21 ڏينهن جي مهلت جي حساب سان 29 فيبروري آخري تاريخ ٿئي ٿي.
هن چيو ته معاشي بهتري بابت ڳالهيون اصل فورم تي ئي ٿينديون، اهي ڳالهيون هر فورم تي ناهن ٿينديون.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته صدر عارف علوي اجلاس نه گهرايو ته اسپيڪر آئيني طور پاڻ به اجلاس گهرائي سگهي ٿو.
هن چيو ته صوبن ۾ گورنر اجلاس نه گهرائي ته اتي به اهو ئي اصول لاڳو ٿيندو، هو چاهين ٿا ته ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿئي.- Advertisement -
