- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ 20 لک گهرن جي اڏاوت لاءِ 600 بلين رپين جي ضرورت آهي، سمورن گهرن جي اڏاوت لاءِ ڊونر ايجنسين، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن فنڊ ڏنا آهن، سنڌ واحد صوبو آهي، سنڌو درياهه تي ٻه پلون قائم ڪيون آهن ۽ ٽئين اڏاوت هيٺ آهي، ڪراچي شهر کي جديد بڻائڻ لاءِ 3 بلين ڊالر گهرجن.
اسلام آباد ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي عهديدارن سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سان صوبائي وزير ناصر شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني، سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري نديم ميمڻ گڏ هئا.
نيشنل پريس ڪلب جي عهديدارن ۾ صدر اظهر جتوئي، نائب صدر شاهه محمد، سيڪريٽري نيئر علي ۽ ٻيا شامل هئا.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري کي اسلام آباد پريس ڪلب جي گرانٽ لاءِ تجويزون اماڻڻ جي هدايت ڪئي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي شهر کي جديد ۽ بهتر شهر بڻائڻ لاءِ 3 بلين ڊالر جي ضرورت آهي، هن سال ڪراچي جي ترقياتي ڪمن لاءِ 218 بلين رپيا رکيا آهن، هو سمجهي ٿو ته هر سال ڪراچي تي هڪ هزار بلين خرچ ٿيڻ گهرجن.
هن چيو ته ڪراچي کي سٽي حڪومت بڻائڻ جو اختيار ڏنو ويو، سٽي حڪومت جو اختيار ملڻ سان اهم روڊن تي عمارتون ڪمرشل ٿي ويون، نالن سان گڏ ليز ڏني وئي جنهن سان غيرقانوني حددخليون قائم ڪيون ويون، هنن وڏي جدوجهد بعد نالا ٺهرايا، گادي جي شهر جي ترقي لاءِ سنڌ حڪومت گهڻو ڪم ڪيو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ 20 لک گهرن جي اڏاوت لاءِ 600 بلين رپين جي ضرورت آهي، سمورن گهرن جي اڏاوت لاءِ ڊونر ايجنسين، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن فنڊ ڏنا آهن، سنڌ واحد صوبو آهي، سنڌو درياهه تي ٻه پلون قائم ڪيون آهن ۽ ٽئين اڏاوت هيٺ آهي.- Advertisement -
