تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صوبي ۾ ڏوهن جو خاتمو ڪرڻو پوندو، سنڌ پوليس محدود وسيلن باوجود بهترين ڪم ڪري رهي آهي : ضياءَ الحسن لنجار

- Advertisement -
سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته صوبي ۾ ڏوهن جو خاتمو ڪرڻو پوندو، سنڌ پوليس محدود وسيلن باوجود بهترين ڪم ڪري رهي آهي. ضياءَ الحسن لنجار رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر پهتو، جتي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي ٽريننگ فيض الله ڪوريجي ۽ اڪيڊميءَ جي پرنسپل سندس آجيان ڪئي. ٽريننگ سينٽر پهچڻ تي ايليٽ فورس جي جوانن کيس سلامي ڏني. صوبائي وزير رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ ميس هال ۽ شوٽ هائوس افتتاح ڪيو. جوانن ٽارگيٽ رينج فائرنگ ۽ ڪنهن به ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ جو مظاهرو ڪيو، جنهن تي گهرو وزير پوليس جوانن جي تربيت ۽ مهارت جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته سنڌ پوليس ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هنن چيو ته صوبي مان ڏوهن جو خاتمو ڪرڻو پوندو. گهرو وزير چيو ته ٽريننگ سينٽر ڏسي خوشي ٿي، اميد ته اهلڪار عوام جي بهتر انداز ۾ خدمت ڪندا. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽتائي تي هو آءِ جي سنڌ کي واڌايون ڏي ٿو، سنڌ پوليس محدود وسيلن ۾ بهترين ڪم ڪري رهي آهي، هو سنڌ پوليس جي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي خ لاف جنگ اهم آهي، آر آر ايف ۽ ايس ايس يو اهڙا يونٽ آهن جن وقت تي اثرائتو رسپانس ڏنو آهي. هن چيو ته هو سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهن، جنهن ٻن ايونٽن لاءِ گهربل بجيٽ ڏني. آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس تي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي بابت تنقيد ڪري رهي آهي، هو پنهنجا چئلينج سامهون رکي ٽريننگ ڪري رهيا آهن. غلام نبي ميمڻ چيو ته جوانن کي علم ئي ناهي ته سنڌ حڪومت انهن لاءِ ڇا ڪري رهي آهي، انشاءَ الله هو صوبائي حڪومت جي اميدن تي پورو لهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
27 %
2.8kmh
96 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون