- Advertisement -
عالمي بئنڪ، ٻوڏ جي اثرن سبب معاشي ترقي 3 سيڪڙو تي برقرار رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
جاري ڪيل رپورٽ ۾ عالمي بئنڪ چيو ته مالي سال 2025ع ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ 3 سيڪڙو واڌ ٿي، پر تازي ٻوڏ جي اثرن سبب ايندڙ مالي سال ۾ به معاشي ترقي جي ساڳئي شرح تي رهڻ جو امڪان آهي.
ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ جو عنوان “ترقي ۽ روزگار جي رستي تي قائم رهڻ” آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته جون 2025ع ۾ ختم ٿيل مالي سال ۾ ملڪي معيشت 3 سيڪڙو وڌي، جيڪا گذريل سال 2 ڏهائي 6 سيڪڙو هئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته مالياتي سختي ۽ بهتر مانيٽري پاليسيءَ مهانگائي کي ضابطو رکڻ ۽ ڏکي عالمي توڙي مقامي حالتن ۾ بنيادي مالي توازن بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪئي.
عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته بهتر اعتماد صنعت ۽ خدمتن جي شعبن ۾ ترقي جي حمايت ڪئي، جيتوڻيڪ زرعي شعبي جي ڪارڪردگي ڪمزور رهي پر ان جو سبب خراب موسمي حالتون ۽ جيتن جي آفت هئي.
عالمي بئنڪ خبردار ڪيو ته جيتوڻيڪ مجموعي طور مستقبل جو منظرنامو بهتر آهي پر تازي ٻوڏ متاثر ڪيو.
ورلڊ بئنڪ جي پاڪستان لاءِ ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ انساني جانين ۽ معيشت تي ناڪاري اثر وڌا آهن، جنهن سان ترقيءَ جا امڪان گهٽجي ويا آهن………- Advertisement -
