- Advertisement -
غزه تي اسرائيل جي ظلمن جو جو سلسلو جاري آهي، دهشتگرد يهودي فوج طرفان ٽئين ڏينهن به الشفا اسپتال جو محاصرو برقرار آهي.
فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج سومر کان هن وقت تائين اسپتال ۾ 93 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اسپتال ڀرسان يهودي فوج ۽ القسام بريگيڊ وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون آهن.
عرب ميڊيا موجب، القسام بريگيڊ 2 اسرائيلي ٽينڪ تباهه ڪري ڇڏيا آهن جنهن جي ويڊيو پڻ جاري ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن اتر غزه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر امدادي قافلي تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 24 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته النصيرات ڪيمپ تي بمباري ۾ 24 فلسطينين شهادت جو جام پيتو.
فلسطيني ميڊيا موجب، شهيدن جو انگ 32 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 74 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي حماس اڳواڻ اسامه حمدان جو چوڻ آهي ته جنگ بندي بابت ڳالهيون جي ڪامياب ٿيڻ جو ڪوبه امڪان نه آهي، اسرائيل جنگ بندي تجويزن تي ناڪاري جواب ڏنو آهي، يهودي فوج جنگ بندي جي آڙ ۾ غزه تي حملن ۾ پڻ تيزي آڻي ڇڏي آهي.
هوڏانهن امريڪي پرڏيهي وزير وچ اوڀر جي مشن تي سعودي عرب پهچي ويو آهي.
سعودي ميڊيا جو چوڻ آهي ته انٽوني بلنڪن جده ۾ سعودي هم منصب فيصل بن فرحان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ غزه صورتحال ۽ جنگ بندي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
ٻئي پاسي ڪينيڊا جي پارليامينٽ ٺهراءُ پاس ٿيڻ انپوءِ اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٺهراءَ جي حق ۾ 207 ۽ مخالفت ۾ 117 ووٽ پيا آهن.- Advertisement -
