تازه ترين

غزه ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو قدرتي نه پر انسانن جي پيدا ڪيل تباهي آهي:عاصم افتخار

- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته غزه ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو قدرتي نه پر انسانن جي پيدا ڪيل تباهي آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي اجلاس کي خطاب ڪندي عاصم افتخار چيو ته اسرائيل جي غزه ۾ امداد جي ناڪابندي ناقابل تصور انساني الميئي کي جنم ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ جاري ظلمن کي روڪڻ لاءِ هاڻي صرف لفظ ڪافي نه آهن، غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي کي عملي طور تي روڪڻو پوندو. ٻئي طرف، اجلاس ۾ فلسطيني نمائندو اسرائيل جي وحشياڻن حملن ۽ امداد جي بندش سبب غزه ۾ هزارين ٻارن جي شهادت ۽ ان جي مائرن جو حال ٻڌائيندي روئي ويٺو. فلسطيني وفد روئيندي چيو ته هي ناقابل قبول آهي، ڪير ڪيئن اهو برداشت ڪري سگهي ٿو؟.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون