- Advertisement -
خيرپور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي 9 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيراڻي حويلي ۾ قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس پاران مک جوابدار اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
اي ٽي سي ڪورٽ جي اسپيشل جج نديم بدر قاضي ڪيس مان خارجي ڪيل ايس ايڇ او امير چانگ جو نالو ٻيهر شامل ڪري ڇڏيو.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
