- Advertisement -
فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيلي مغوي عورت سري بيباس جو لاش ريڊ ڪراس حوالي ڪري ڇڏيو.
حماس ويهه فيبروري تي جنگ بندي معاهدي تحت 4 اسرائيلي يرغمالين جا لاش ريڊ ڪراس حوالي ڪيا هئا جنهن جي بدلي اسرائيلي جيلن ۾ قيد فلسطينين کي آزاد ڪيو ويو هو.
بعد ۾ اسرائيلي فوج دعوى ڪئي هئي ته حماس واپس ڪيل 4 لاشن مان هڪ جي سڃاڻپ غلط ٻڌائي هئي.
اسرائيلي فوج جو چوڻ هو ته حماس طرفان واپس ڪيل لاشن جو ميڊيڪل ڪرائڻ کانپوءِ خبر پئي ته شهري شري بيباس جو لاش شامل ناهي جڏهن ته سندس ٻن ٻارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.
بعد ۾ حماس اسرائيلي الزامن جو جواب ڏيندي چيو ته هو ته اسرائيلي مغوي عورت شري بيباس جو لاش جنهن هنڌ رکيو ويو هو اتي اسرائيلي طرفان هوائي حملو ڪيو ويو جنهن انپوءِ مغوي عورت جي باقيات اتي موجود ٻين ماڻهن جي باقيات سان ملي يوئي هئي.
جڏهن ته حماس هاڻي اسرائيلي مغوي عورت جو لاش ريڊ ڪراس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.- Advertisement -
