فوج جا غزه ۾ وحشياڻا حملا جاري، وڌيڪ 58 فلسطيني شهيد، 131 زخمي

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جا غزه ۾ وحشياڻا حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 58 فلسطينين کي شهيد ۽ 131 کي زخمي ڪيو ويو. عرب ميڊيا موجب، ديرالبلاح ۾ بي گهرفلسطينين جي اسڪول تي حملي ۾ 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا، يهودي فوج فلسطيني صحافي کي به نشانو بڻايو. عرب ميڊياص موجب، اولهه ڪناري ۾ ڪارروائين دوران 9 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترن کي ئي حراست ۾ ورتو ويو. عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين شهيدن جو مجموعي انگ 40 هزار 534 ٿي ويو جڏهن ته 93 هزار 778 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي ايران- اسرائيل ڇڪتاڻ ۾ به اضافي جو خدشو وڌي ويو آهي. امريڪا جو چوڻ آهي ته ايران ايندڙ 48 کان 72 ڪلاڪن ۾ اسرائيل تي حملو ڪري سگھي ٿو. امريڪا ايران جي امڪاني حملي کي نظر ۾ رکندي عرب ملڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي گڏيل قومن ورلڊ فوڊ پروگرام جي گاڏي تي اسرائيلي حملي کانپوءِ غزه ۾ پنهنجي عملي جي چرپر کي روڪي ڇڏيو آهي. اسرائيلي فوج طرفان گڏيل قومن جي ذيلي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام جي گاڏي کي سڌيءَ ريت فائرنگ جو نشانو بڻايو هو. پنهنجي بيان ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام جو چوڻ هو ته حملي جو شڪار ٻن گاڏين جي قافلي کي ڪيترن ئي اسرائيلي اٿارٽيز جي اجازت نامي باوجود غزه پل ڀرسان گولين جو نشانو بڻايو ويو. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته حملي ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام جو عملو محفوظ رهيو پر گوليون لڳڻ سبب گاڏين کي نقصان پهتو. برطانوي خابرو ايجنسي موجب، اسرائيلي فوج طرفا معاملي تي ڪنهن به قسم جو تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
50%
2m/s
0%
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
26 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون