- Advertisement -
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته فيض حميد واري معاملي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، هڪ اداري جنرل فيض حميد بابت پريس رليز جاري ڪئي، پ پ ۽ مسلم ليگ ن جي اتفاق سان جنرل باجوه جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ محمد احمد خان چيو ته خواجا آصف جون ڳالهيون ٻڌيون آهن، جن تاريخن جو حوالو خواجا آصف ڏنو، انهن ڏينهن ۾ جنرل باجوه آمريڪا جي دوري تي هو، جنرل باجوه چٽو چيو هو ته هو ايڪسٽينشن نه وٺي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته جنرل باجوه جو چوڻ هو ته ڪيترائي آفيسر آهن، جن جو اڳتي اچڻ حق بڻجي ٿو، جنرل باجوه جي بدنيتي هجي ها ته وٽس آپشنز هئا، سندس جنرل باجوه سان سياسي ڳالهه ٻولهه تمام گهٽ ٿي هئي، هن ڪڏهن پنهنجي حد ناهي اورانگهي.
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو ته جنرل باجوه آرمي چيف جي مقرري لاءِ سينارٽي کي هر حال ۾ نظر ۾ رکيو هو، ميرٽ تي پنج ماڻهن جي نالن جي لسٽ آئي، انتهائي سينيئر کي مقرر ڪيو ويو، خواجا آصف جي ريڪروٽ ڪندڙ ڳالهه جو سندس وٽ ثبوت ناهي.
هن چيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو فيصلو حڪومت ڪندي آهي، جنرل باجوه کي ايڪسٽينشن ڏيڻ لاءِ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ نون ۽ سڀني ووٽ ڪيو، هن سياسي ماحول جي انتها 9 مئي تي وڃي ختم ٿي.
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو ته فيض حميد جي معاملي تي سياست ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، هي اداري جو اندروني معاملو آهي.- Advertisement -
