- Advertisement -
فيض گنج ڀرسان عورت گهر اندر مبينا طور تي آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن طرفان ساهرن تي قتل جو الزام هنيو ويو آهي.
ڳوٺ نورل فقير چانگ ۾ 35 سالن جي نفيسمه فاطمه چانگ گهر اندر مبينا طور تي آپگهات ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي چاچي اطلاع ڪيو ته سندن نياڻي کي ساهرن زوري زهر ڏئي ماريو آهي.
پوليس جو چوڻ هو ته سندس مڙس کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي جنهن ٻڌايو آهي ته هن معمولي ناراضگي تان آپگهات ڪيو آهي.
پوليس موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ معاملي بابت واضح ثابتيون ملنديون، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
