تازه ترين

فيڪ نيوز ڏيندڙن کي پنج سال قيد ۽ 10 لک رپيه ڏنڊ جي سزا ملندي

- Advertisement -
فيڪ نيوز ڏيندڙن کي پنج سال قيد ۽ 10 لک رپيه ڏنڊ جي سزا ملندي، وفاقي سرڪار سائبر ڪرائمز ايڪٽ جو مسودو لاڳاپيل وزارت حوالي ڪري ڇڏيو آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته قانوني مسودي تي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشورو ڪيو ويندو. حڪومتي ذريعن موجب، صلاح مشوري کانپوءِ مسودو وفاقي ڪابينا ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا مان منظوري کانپوءِ حڪومت ترميمي بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪندي. حڪومتي ذريعن موجب، شروعاتي مسودو گهرو وزارت ۽ قانون واري وزارت سان گڏلي تيار ڪيو ويو آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي وزارت سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، حڪومت فيڪ نيوز ڏيندڙ لاءِ 5 سال قيد ۽ ڏهه لک ڏنڊ جي سزا تجويز ڪئي آهي. حڪومتي ذريعن موجب، اڃا هي شروعاتي مسودو آهي، صلاح مشورو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ قطعي شڪل ڏني ويندي، صلاح مشوري بعد مسودي ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
60 %
1.3kmh
99 %
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون