تازه ترين

قائره ۾ حماس – اسرائيل جنگبندي ڳالهيون بنا ڪنهن معاهدي جي ختم

- Advertisement -
مصر جي راڄڌاني قاهره ۾ حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ ب ندي ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون. مصري سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته حماس ۽ اسرائيل ٽياڪڙن جي ڪيترن ئي تجويزن تي اتفاق نه ڪيو. حماس ۽ اسرائيل ، غزا جنگبندي جي شرطن تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي ئي ڳالهين واري ٽيم سان اختلاف ٿي پيا ان کان اڳ حماس غزه جنگ بندي معاهدي جي نئين اسرائيلي شرطن کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته هـُو جولاءِ ۾ منظور ڪيل جنگ بندي تجويز تي قائم آهن. حماس اڳواڻ اسامه حمدان جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي ڏنل شرطن کي رد ڪن ٿا، جڏهن ته امريڪا طرفان فوري جنگبندي ڪرائڻ جون ڳالهيون غلط ۽ اليڪشن مقصد لاءِ آهن. ٻئي پاسي غزه جي وچ واري علائقي، خان يونس، دير البلاح، جباليه ۽ والاريل اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي وحشياڻين ڪارروائي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 71 فلسطيني شهيد ۽ 112 زخمي ٿي پيا آهن. عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 40 هزار 405 ٿي ويو جڏهن ته 93 هزار 468 زخمي ٿي چڪا آهن…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
26 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون