- Advertisement -
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته 6 ۽ 7 سيپمٽبر جي وچ واري رات تي سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي قلات ضلعي ۾ آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا، سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ وارين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن
- Advertisement -
