- Advertisement -
قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اجلاس جو 6 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت اسپيڪر سردار اياز صادق ڪندو، وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ترميمي بل 2024ع ايوان ۾ پيش ڪندو.
ان کان علاوه وفاقي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار توحيدي آرڊيننس 2024ع ۽ قانون وارو وفاقي وزير نذير تارڙ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سال 2022ع جي سالياني رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندو.
ان کان علاوه نوشڪي ۽ ڪشمور ۾ امن امان جي صورتحال ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس به ايوان ۾ پيش ڪيا ويندا.- Advertisement -
